ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوبي ۽ ملڪ پاڪستان لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندي، سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو هڪ نئين ڄاول ٻار جي پيدائش جي لمحي تي ئي ڊجيٽل رجسٽريشن (Birth Registration) مڪمل ڪئي آهي. ننڍڙي ميثم عباس جي رجسٽريشن سنڌ گورنمينٽ اسپتال قاسم آباد، حيدرآباد ۾ صحت کاتي ۽ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي برٿ رجسٽريشن / نوٽيفڪيشن ٽول ذريعي ڪئي وئي. هي اهم ڪاميابي “سول رجسٽريشن ۽ وائيٽل اسٽيٽسٽڪس (CRVS)” منصوبي تحت حاصل ٿي، جيڪو جولاءِ 2025 ۾ گڏيل قومن جي آبادي واري اداري (UNFPA) جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو هو. هي منصوبو هن وقت سنڌ جي 36 سرڪاري ۽ 13 خانگي اسپتالن ۾ جاري آهي، جنهن ذريعي پيدائش جي رجسٽريشن کي سڌو سنئون صحت جي نظام جو حصو بڻايو پيو وڃي ته جيئن هر ٻار کي پيدائش جي وقت ئي قانوني سڃاڻپ ملي سگهي. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي اڳواڻي ۾ صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي براء CRVS پاران 2028 تائين صوبي ۾ 95 سيڪڙو پيدائش ۽ وفات جي رجسٽريشن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حتمي مقصد 100 سيڪڙو ڊجيٽل رجسٽريشن آهي. هي شاندار اڳڀرائي ٻين صوبن لاءِ هڪ مثال جي حيثيت رکي ٿي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه هن ڪاميابي کي پاڪستان جي سول رجسٽريشن جي تاريخ جو هڪ اهم موڙ قرار ڏيندي چيو ته هي صرف انگن اکرن جو معاملو نه پر حقن ۽ رسائي جو مسئلو آهي. هر ٻار کي ڳڻيو وڃي ۽ هر زندگي کي تسليم ڪيو وڃي، ۽ سنڌ هن حوالي سان اڳڀرائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيدائش جي رجسٽريشن ٻارن جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ کين ويڪسينيشن، تعليم ۽ صحت جهڙين ضروري سهولتن تائين رسائي ڏيڻ جو پهريون قدم آهي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ پيدائش جي رجسٽريشن جون سموريون فيسون ختم ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن خاص طور تي پٺتي پيل طبقن لاءِ مالي رڪاوٽون ختم ڪري سگهجن. هن جو چوڻ هو ته هي قدم ان ڪري کنيو ويو آهي ته جيئن هر خاندان، پوءِ ڀلي کڻي هو ڪيترو به غريب ڇو نه هجي، پنهنجي ٻارن جي رجسٽريشن آسانيءَ سان ۽ مفت ڪرائي سگهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو هي فعال ۽ اڳڀرائي تي مبني روّيو خاص طور تي ڳوٺاڻن ۽ شھرن کان پري وارن علائقن ۾ رجسٽريشن جي شرح ۾ تيزي آڻيندو، جتي اڳ ۾ هي شرح گهٽ رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻارن جي حقن جو تحفظ، سندن خوشحالي ۽ محفوظ ننڍپڻ فراهم ڪرڻ صرف حڪومتي پاليسي نه پر رياست جي اخلاقي ۽ آئيني ذميواري آهي. جڏهن اسين هر ٻار جي پيدائش جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائينداسين ته اهي حڪومت جي ڀلائي وارن پروگرامن مان فائدو وٺڻ ۽ بهتر مستقبل حاصل ڪرڻ جي قابل ٿيندا. ھي ڪاميابي صحت کاتي حڪومت سنڌ، نادرا ۽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ کاتي جي گڏيل ڪوششن ۽ گڏيل قومن جي آبادي واري اداري جي فني ۽ حڪمت عملي واري سهڪار سان ممڪن ٿي.سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هن ڪاميابي کي مستقل بڻائڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي بھتر تربيتي پروگرام شروع ڪري رهي آهي، جنهن تحت اسپتالن جي عملي، بلدياتي نمائندن ۽ نادرا جي اهلڪارن کي جديد ڊجيٽل رجسٽريشن نظام تي تربيت ڏني ويندي. ھن چيو ته هن قدم جو مقصد هي آهي ته پيدائش جي رجسٽريشن صرف وڏن شهرن تائين محدود نه رهي پر صوبي جي هر ڳوٺ ۽ شهر تائين وقت سر ۽ درست معلومات پهچائي هر ٻار کي ڄمڻ وقت ئي قانوني سڃاڻپ ملي سگهي. چيف سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته ضروري اوزار پڻ فراهم ڪيا ويندا ته جيئن پيدائش ۽ وفات جي ڊجيٽل رجسٽريشن جي عمل کي اثرائتو ۽ تيز بڻائي سگهجي، جنهن سان نه صرف رجسٽريشن جي رفتار وڌندي پر درست ۽ وقت سر ڊيٽا جي فراهمي پڻ ممڪن ٿيندي، جيڪا منصوبي جي مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.










