پاڪستان ۾ 1.9 ارب ڊالر ماليت جا موبائيل فون درآمد

پاڪستان ۾ 1.9 ارب ڊالر ماليت جا موبائيل فون درآمد

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان ۾ 30 جون تي ختم ٿيل مالي سال دوران 1.9 ارب ڊالر ماليت جا موبائيل فون امپورٽ ڪيا ويا. اها رقم آءِ ايم ايف کان ورتل قرض جي 63 سيڪڙو برابر آهي. 2021 ۾ 2.1 ارب ڊالر جا موبائيل فون پاڪستان درآمد ڪيا هئا ۽ ان بعد هي وڏو امپورٽ بل آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل ڊيٽا موجب 30 جون تي ختم ٿيل مالي سال دوران چانورن جي ايڪسپورٽ ۾ ان کان گذريل سال جي ڀيٽ ۾83 سيڪڙو واڌ ٿي. ڀارت پاران چانورن جي ايڪسپورٽ تي پابندي سبب پاڪستان مان وڌيڪ چانور پرڏيهه ويا جن جي ماليت 3.9 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ چانورن جي ڪل پيداوار 9.9 ملين ميٽرڪ ٽن رهي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 34.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پاڪستان مان 60 لک ٽن چانور پرڏيهه موڪليا ويا. ڊيٽا موجب 30 جون تي ختم ٿيل مالي سال دوران پاڪستان جو تجارتي خسارو 79 سيڪڙو گهٽ ٿي 68 ڪروڙ 10 لک ڊالر ٿي ويو، جيڪو گذريل سال ۾ 3.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. گذريل سال دوران پاڪستان پرڏيهي قرضن جي وياج ۽ ڊويڊنڊ جي مد ۾ 8.6 ارب ڊالر جون ادائگيون به ڪيون. ڊيٽا موجب پرڏيهي ورڪرز رميٽينسز ۾2023 جي ڀيٽ م 2024 ۾ 10.7 سيڪڙو واڌ رڪارد ٿي جيڪا 30.3 ارب ڊالر آهي. گذريل سال اها رقم 27.3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو