سينچورين (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان طرفان شان مسعود ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي.سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٽاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽيمبا بوما چيو ته اسان جو ڌيان هي سيريز کٽڻ تي آهي.ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود جو چوڻ هو ته حالتون سيمرز لاءِ فائديمند هونديون، اسان ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ پرجوش آهيون.










