پاڪستان کي غزه بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت

پاڪستان کي غزه بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) غزه بابت اهم سفارتي اڳڀرائي سامهون آئي جتي غزه بورڊ آف پيس جي پهرين باضابطه گڏجاڻي 19 فيبروري تي آمريڪا ۾ منعقد ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. آمريڪي ميڊيا موجب بورڊ جي سمورن ميمبرن کي دعوت ناما اماڻيا ويا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان کي پيس بورڊ جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ملي وئي آهي، پاڪستان به انهي اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه بورڊ آف پيس ۽ غزه ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبرن لاءِ واشنگٽن ۾ ميزباني ڪندو. ٻڌايو ويو آهي ته انهي بورڊ ۾ دنيا جا 25 ملڪ شامل آهن. جڏهن ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ انهي بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان فرض انجام ڏئي رهيو آهي.ڏٺو وڃي ته اجلاس جو باضابطه ايجنڊا اڃان تائين منظر عام تي ناهي آندو ويو، پر آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه بورڊ آف پيس جو قيام صدر ٽرمپ طرفان پيش ڪيل غزه ٽيل جي ٻئين مرحلي تي عملدرآمد جو حصو آهي.سياسي ۽ سفارتي مبصرين موجب غزه بورڊ پيس جي جوڙجڪ ۽ انهي کان پهريان گڏجاڻي وچ اوڀر جي صورتحال ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سمجهي پئي وڃي. جنهن جا اثر غزه جي مستقبل، علاقائي سياست ۽ عالمي سفارتي توازن تي پئجي سگهن ٿا. ٻئي طرف ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان کي پيس بورڊ جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ملي وئي آهي. پاڪستان انهي اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪندو يا نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، انهي بابت حتمي فيصلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو