اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽينا جارجيو جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان کي 1.1 بلين ڊالر جي پهرين قسط 30 سيپٽمبر تائين ملڻ جو امڪان آهي، قرض پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻي قسط به ساڳئي مالي سال ۾ اچي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو قرض 5 سيڪڙو کان به گهٽ شرح سود تي ملندو.










