اسلام آباد(بيورو رپورٽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معيشت کي بهتر قرار ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ اقتصادي استحڪام جا اشارا مثبت آهن. پاڪستان جي معيشت بابت ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي آئوٽ لک رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2.4 سيڪڙو ۽ مالي سال 2025ع ۾ 2.8 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، ترقي سڌارن واري ايجنڊا تي عمل ڪندي پاليسي تسلسل سان مشروط آهي.آئوٽ لوڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي، خانگي شعبي کي پروموٽ ڪرڻ به پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ شرط هوندو.مهانگائي جي شرح 2023 تائين 29.2 سيڪڙو جي سطح تي هئي جيڪا 2024 ۾ گهٽجي 23.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي.اي ڊي بي موجب، مالي سال 2024ع جي پهرين اڌ ۾ مهانگائي جي شرح بلند رهي، جڏهن ته ٻئي اڌ ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي، جنهن کانپوءِ ٻيا مثبت اشارا وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو سبب بڻيا.ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب مستحڪم شرح سود ۽ مٽا سٽا جي شرح سبب پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته مالي سال 2025ع ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي.










