ابوظهبي(ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارات پاڪستان جي 2 ارب ڊالرن جو قرض لاهڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هڪ ارب ڊالرن جو اضافي قرض به ڏيندو.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته متحده عرب امارات جي دوري جو مقصد شيخ محمد بن زيد سان ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي.اماراتي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم پنهنجي برادر ملڪ طرفان دعوت ڏيڻ تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.وزيراعظم جي دعوت تي يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد دوري تي رضامندي ظاهر ڪئي، جڏهن ته دوري جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ذريعن ذريعي ڪيو ويندو.ان موقعي تي شيخ محمد بن زيد وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو.واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ابوظهبي پهتو.










