نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان اسرائيل سان لاڳاپن واري معاملي تي ملڪي مفاد ۾ فيصلو ڪندو.اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ واري معاملي تي پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسرائيل سان لاڳاپن جي معاملي تي فلسطيني عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندو.










