پاڪستان آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي

پاڪستان آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان دنيا جي پهرين ٽيم بڻجي وئي جنهن ڏکڻ آفريڪا کي هڪ سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪيو ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ شڪست ڏني.جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون ۽ برسات سبب 47 اوورن في اننگز تائين محدود رهي. پاڪستان طرفان صائم ايوب 101 رنسون ٺاهي هن ون ڊي سيريز ۾ ٻي سينچري اسڪور ڪئي.جواب ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم 271 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، هينرڪ ڪلاسن 81 رنسن جي اننگز کيڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو