پاڪ افغان ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ ترڪ وزيرن کي پاڪستان اماڻڻ جو فيصلو

پاڪ افغان ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ ترڪ وزيرن کي پاڪستان اماڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ جي خاتمي لاءِ ترڪيه طرفان هڪ ٻئي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي پرڏيهي وزير، دفاع واري وزير ۽ انٽيليجنس چيف کي پاڪستان اماڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. سفارتي ذريعن موجب پاڪستاني اختيارين ترڪ اختيارين کان دوري جي تاريخ طئي ڪري رهيا آهن، ترڪ اختيارين جي دوري جي تاريخ هڪ ٻن ڏينهن ۾ طئي ٿيڻ جو امڪان آهي. ترڪيه جي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب وفد هن ئي هفتي پاڪستان ايندو ۽ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهيون ڪندو. ترڪ صدر موجب دوري جو مقصد ڌرين جي وچ ۾ پاڪ افغان فائر بندي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ پائيدار امن جو قيام آهي.برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب ترڪ صدر طيب اردوان وفد جي پاڪستان جي دوري جو اعلان باڪو مان واپسي کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت کان پوءِ ڪيو.ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي تڪرار جي حل لاءِ پهريان قطر ۽ پوءِ ترڪيه ۾ ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿيا پر افغان طالبان طرفان ڪنهن به قسم جي لکت ۾ ضمانت نه ڏيڻ تي ڳالهيون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو