اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا پابندي مڙهيل شين جي درآمد تي پابندي هٽائڻ واري فيصلي جي نگراني لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ذريعن موجب ڪميٽي جو سربراهه واپار واري وزير کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪميٽي جي ميمبرن ۾ قانون وارو وزير ۽ منصوبابندي وارو وزير شامل آهن.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ممنوع شين جي درآمد جي اجازت بابت ڪيسن جو جائزو وٺندي.ذريعن موجب ڪميٽي امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022 تحت ڪيسن جو جائزو وٺندي.ڪميٽي ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 21 تحت اپيلن جي به ٻڌڻي ڪندي.










