پ پ  عوام کي صرف ووٽن جي منڊي طور استعمال ڪيو آهي: مگسي

پ پ عوام کي صرف ووٽن جي منڊي طور استعمال ڪيو آهي: مگسي

حيدرآباد: (ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو، انجنيئر گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو، حيدر ملاح، عاشق سولنگي، ڄام شوڪت ابڙو، خدا بخش درس، گوتم چنا، سحر رضوي، اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، محمد علي ابڙو، ادريس چانڊيو، خليل چانڊيو، الطاف ميمڻ، سيد اطهر شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اهم سياسي ۽ تنظيمي فيصلا ڪيا ويا.اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام هميشه مظلومن جو حامي ۽ جارحيت جو مخالف رهيو آهي. هن چيو ته ايران هن وقت هڪ قوم طور متحد ٿي پنهنجي وطن ۽ وجود جي جنگ وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ٿيندڙ جارحيت قابل مذمت آهي. هن زور ڀريو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي ۽ جنگ سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجهه به نٿي ڏئي، تنهن ڪري لاڳاپيل ملڪن کي گهرجي ته ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڪڍن، جيڪو نه صرف انهن ملڪن پر سڄي دنيا لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته بدلجندڙ عالمي حالتن ۾ سنڌ کي پنهنجي مستقبل بابت فڪرمند رهڻو پوندو ۽ پنهنجي وجود، وسيلن ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت هوشيار رهڻو پوندو. هن سنڌ اندر ڊگهي عرصي کان حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي عوام کي صرف ووٽن جي منڊي طور استعمال ڪيو آهي ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڪو به واضح پروگرام نه ڏنو آهي، جنهن سبب ڪرپشن، بدامني ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ وڌي وئي آهي ۽ عوام بک، بيروزگاري ۽ محرومي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.پ پ پ سميت حڪمران ڌريون جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن کي مضبوط ڪري رهيون آهن، جڏهن ته عام ماڻهو وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. سنڌ جي عوام کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ اقتدار جاگيردارن کان کسي پورهيت طبقي جي نمائندن کي اڳيان آڻڻو پوندو. هن چيو ته واحد سنڌ ترقي پسند پارٽي پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪندڙ پارٽي آهي، تنهن ڪري عوام کي گهرجي ته پارٽي جو ساٿ ڏئي سنڌ دشمن قوتن کي شڪست ڏئي حقيقي عوامي راڄ قائم ڪن.هن وڌيڪ چيو ته پارٽي کي وڌيڪ منظم، فعال ۽ ڪيڊر بيسڊ بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پارٽي جو پيغام پهچائڻ لاءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي وڌيڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس دوران “اچو ته سنڌ سنواريون” مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايندڙ ٽن مهينن ۾ سڄي سنڌ ۾ بند پيل پرائمري اسڪولن جي سروي ڪري انهن کي کولائڻ، منشيات فروشي جي خاتمي ۽ اسپتالن ۾ بنيادي صحت سهولتن جي فراهمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن سان ملاقاتون، يادداشت ناما پيش ڪرڻ، عوامي احتجاج ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي عدالتن سان رجوع ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ پارٽي جي تربيتي ورڪشاپس ڪرائڻ، ايندڙ بلدياتي چونڊن جي تياري لاءِ مختلف سطحن تي ڪميٽيون قائم ڪرڻ، بنيادي ميمبرشپ مهم هلائڻ ۽ عوامي ميڙاڪا، ڳوٺاڻيون ڪچهريون ۽ رابطا مهم شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. ان سان گڏ ڪراچي ۾ پارٽي آفيس قائم ڪري تنظيمي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي به رٿابندي ڪئي وئي. اجلاس ۾ اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو