ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ پاڻي جي ٽينڪر ۽ هڪ ٽرڪ ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو.نارٿ ڪراچي جي دو من چورنگي جي يو ٽرن ويجهو هڪ پاڻي جي ٽينڪر موٽرسائيڪل سوار نوجوان تي چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. پاڻي جي ٽينڪر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.حادثي کان پوءِ مڇريل ماڻهو موقعي تي گڏ ٿيا ۽ پاڻي جي ٽينڪر تي پٿراءُ ڪيو ۽ ان کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر پوليس موقعي تي پهچي پاڻي جي ٽينڪر کي سڙڻ کان بچايو.واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. فوت ٿيل نوجوان جي لاش کي رسمي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿيل نوجوان جي فوري طور تي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، سندس عمر 20 سالن جي لڳ ڀڳ ٻڌائي پئي وڃي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڻي جي ٽينڪر ۽ مقتول جي موٽرسائيڪل کي قبضي ۾ وٺي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.يو واقعو پاڪستان سپر هاءِ وي جنڪشن جي ويجهو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جي لاش کي ايڌي رضاڪارن اسپتال منتقل ڪيو.ريسڪيو عملدارن موجب، فوت ٿيل جي سڃاڻپ 27 سالن جي محمد نواز جي نالي سان ٿي آهي. پوليس واقعن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










