لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان(ٽي ايل پي) جون سموريون ملڪيتون ۽ اثاثا منجمد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.پنجاب جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ ٽي ايل پي جي نالي تي موجود سموريون ملڪيتون ۽ اثاثن جا تفصيل جمع ڪري 15 نومبر تائين گهرو وزارت کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.فيصلو چيئرمين سب ڪيبنٽ ڪميٽي خواجه سلمان رفيق جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ گهرو سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد جاويد قاضي، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري هائوسنگ، سيڪريٽري ڪو آپريٽو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي باضابطه هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.ياد رهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي تحت ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو. جنهن کان پوءِ هاڻ انهي جا سمورا مالي ۽ غير مالي اثاثا منجمد ڪرڻ جو فيصلو عمل ۾ آندو پيو وڃي.










