واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ٽوئيٽر سياسي اشتهارن تي لڳل 3 سال پراڻي پابندي ختم ڪري ڇڏي.ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ هفتي ۾ سياسي اشتهار سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي متعارف ڪرايا ويندا.ڪمپني جو چوڻ آهي ته ترجيح اهڙن اشتهارن کي ڏني ويندي جيڪي اهم مسئلن تي عوامي بحث مباحثي لاءِ اهم هجن، جڏهن ته سياسي اشتهارن جي پاليسي کي ٽي وي يا ٻين ميڊيا ادارن جي پاليسين وانگر ٺاهيو ويندو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان حوالي سان تفصيلي پاليسي جو اعلان جلد ڪيو ويندو.










