اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) موجب سنڌ جي ٽنڊوالهيار ضلعي مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن.او جي ڊي سي ايل پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ درس ويسٽ ويل نمبر 2 جي 2081 ميٽرن تائين کوٽائي ڪئي وئي آهي، جنهن مان روزانو 360 بيرل خام تيل پڻ دريافت ڪيو ويو آهي.او جي ڊي سي ايل موجب ان دريافت مان روزانو 85100000 ڪيوبڪ فوٽ گيس حاصل ٿيندي، نئين دريافت سان ملڪ جي درآمدي بل ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، او جي ڊي سي ايل جي تيل ۽ گئس جي ذخيرن ۾ نئين دريافت سان نمايان اضافو ٿيندو.










