ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽماٽرن جي منڊي ۾ فراهمي ۾ گهٽتائي سبب ٽماٽرن جي قيمت 250 روپي في ڪلو ٿي وئي آهي. سبزي فورشن جو چون آهي ته کين ٽماٽر مهانگو ملي ٿو اها سندن مجبوري آهي ته ريٽ وڌايون. سنڌ ۾ ٽماٽرن جي فصل تيار ٿيڻ ۾ اڃا 2 هفتا لڳندا ۽ بلوچستان مان به ٽماٽرن جي فراهمي ۾ دير ٿي آهي جنهن سبب قيمت وڌي وئي آهي. سنڌ جي اڪثر علائقن خاص ڪري ٻهراڙين ۾ به ٽماٽر جي قيمت 230 روپيا ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ڀارت سان تجارت معطل ٿيڻ بعد ملڪ ۾ ٽماٽرن جي قيمت ۾ لڳاتار قيمت ۾ واڌ ٿي رهي آهي.










