ٽرڪ جي ٽڪر سان فوڊ ڊليوري ڪندڙ نوجوان فوت

ٽرڪ جي ٽڪر سان فوڊ ڊليوري ڪندڙ نوجوان فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ۾ لنڊي ڪوتل چورنگي ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ فوڊ ڊليوري ڇوڪرو مارجي ويو.نارٿ ناظم آباد ۾ لنڊي ڪوتل چورنگي ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ شخص مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ بابر جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو ناظم آباد جو رهواسي هو ۽ هو فوڊ ڊليوري مين طور ڪم ڪندو هو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اکين ڏٺن شاهدن موجب موٽرسائيڪل سوار موبائل فون استعمال ڪري رهيو هو ته ٽرڪ جي پوئين ٽائر سان ٽڪرائجي ويو ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ٽرڪ کي به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. بابر جي پاڙيسري جو چوڻ آهي ته بابر ڏينهن جو چپس جو دڪان لڳائيندو هو ۽ رات جو کاڌي جي دڪان تي ڪم ڪندو هو.ٻئي طرف عزيز آباد ۾ هڪ موبائل شاپ تي فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي ٿو، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو