جوهر ۾ ڊمپر اسڪوٽي سوار عورت کي ڪچلي ڇڏيو

جوهر ۾ ڊمپر اسڪوٽي سوار عورت کي ڪچلي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر نعمان ايونيو وٽ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ اسڪوٽي سوار عورت فوت ٿي وئي.پوليس اختيارين موجب فوتي اسڪوٽي تي وڃي رهي هئي ته روڊ تي برسات جو پاڻي ڀرجڻ سبب اسڪوٽي سلپ ٿي وئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته روڊ تي پويان ايندڙ ڊمپر عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو، ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.فوتي نوجوان حادثو ويجهو ڳوٺ شانتي نگر بشير ڳوٺ جو رهواسي هو.

پهنجو تبصرو موڪليو