راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 274 رنسن تي ڍيرٿي وئي. راولپنڊي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن برسات سبب ٽاس نه ٿي سگهيو، ٻئي ڏينهن بنگلاديش جي ڪپتان نجم الحسن شنٽو ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي پر عبدالله شفيق پهرين ئي اوور ۾ تسڪين احمد جي بال تي صفر تي بولڊ ٿي ويو.عبدالله شفيق جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ صائم ايوب ڪپتان شان مسعود سان 107 رنسن جي گڏيل ڀائيواري قائم ڪئي ۽ شان مسعود 57 رنسون ٺاهي مهدي حسن ميراز جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.صائم ايوب به 58 جي انفرادي اسڪور تي مهدي حسن ميراز کي وڪيٽ ڏني، سعود شڪيل 18 رنسون ٺاهي بولڊ ٿي ويو جڏهن ته بابر اعظم 31 رنسون ٺاهي شڪيب الحسن جو شڪار بڻيو. ان بعد 211 جي مجموعي اسڪور تي محمد رضوان 29 رنسون ٺاهي ناهيد جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، خرم شهزاد 12 رنسون ٺاهي محمد علي 2 رنسون ٺاهي مهدي حسن جو شڪار بڻيا. سلمان آغا به شڪيب کي 54 رنسن تي تسڪن جي بال تي ڪيچ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ آخري وڪيٽ ابرار جي وڪيٽ جو شڪار ٿي ۽ هو 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. گرين شرٽس پهرين اننگز ۾ 274 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش طرفان مهدي حسن 5، تسڪين 3، ناهيد ۽ شڪيب الحسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. بنگلاديش پهرين اننگ شروع ڪئي ته 2 اوورن جي راند ٿي 10 رنز تي بنا نقصان جي بنگلاديش آچر تي ٽئين ڏينهن جي راند شروع ڪندو. واضح رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي پاڪستان تي هڪ صفر جي برتري حاصل آهي.










