ٺٽو ۾ روڊ حادثو، 3 نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي

ٺٽو ۾ روڊ حادثو، 3 نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي

ٺٽو(عبدالوحید سومرو)
ٺٽي لڳ پٺاڻ ڪالوني وٽ رات دير سان ٿيل خوفناڪ حادثي ۾ 3 نوجوان فوت، 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،
ٺٽو سجاول روڊ تي پٺاڻ ڪالوني وٽ ٺٽي کان دڙو ويندڙ ڪار کي هڪ تيز رفتار نامعلوم گاڏي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڪلٽيون کائي اونڌي ٿي پئي
ڪار ۾ سوار دڙو واسي نوجوان عنايت سومرو ممتاز سومرو ۽ فيضان سومرو تڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته نياز سومرو ۽ سهيل ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا
اطلاع تي ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو جتان فوت ٿيل ٽنهي نوجوانن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث کڻائي دڙو روانا ٿي ويا
خوفناڪ حادثي سبب دڙو شھر ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي،
اطلاعن موجب رات دير سان دڙو واسي 5 ڄڻا مهراڻ ڪار ۾ سوار ٿي ٺٽي لڳ هڪ هوٽل تي ماني کائڻ بعد واپس دڙو وڃي رهيا هئا ته ٺٽي لڳ پٺاڻ ڪالوني ڀرسان رات جو دير سان هڪ تيز رفتار نامعلوم گاڏي سندن ڪار کي ٽڪر هڻي ڀڄي وئي خوفناڪ حادثي ۾ 3 ڳڀرو نوجوان اجل جو شڪار ٿي ويا
ٺٽو پوليس انتظاميه اڃا تائين نامعلوم گاڏي کي هٿ نه ڪري سگهي آھي

پهنجو تبصرو موڪليو