کٽمنڊو(ويب ڊيسڪ) 72 ماڻهن کي کڻي ويندڙ مسافر جهاز آچر تي نيپال ۾ تباهه ٿي ويو، Yeti ييٽي ايئر لائنز حادثي جي تصديق ڪئي آهي. ”جهاز ۾ 68 مسافر ۽ عملي جا چار ميمبر سوار هئا. ريسڪيو آپريشن جاري آهي، اسان کي في الحال خبر ناهي ته ڪو بچيل آهي يا نه،“ ايئر لائن جي ترجمان سدرشن بارٽولا اي ايف پي کي ٻڌايو. هن چيو ته جهاز وچ نيپال ۾ پراڻي ۽ نئين پوخارا ايئرپورٽ جي وچ ۾ حادثو ٿيو. مقامي آفيسر گرودتا ڍال چيو ته ملبي کي باهه لڳل هئي ۽ بچاءُ وارا عملدار باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.










