يوڪرين جنگبندي جا تفصيل طئي ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙڻ تي اتفاق

يوڪرين جنگبندي جا تفصيل طئي ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙڻ تي اتفاق

رياض(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ روس جي پرڏيهي وزيرن ۾ ٿيل ملاقات ۾ يوڪرين ۾ جنگبندي جا تفصيل طئي ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ ٽيمون جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. سعودي عرب جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل ملاقات ۾ سعودي پرڏيهي وزير به موجود هو. 4 ڪلاڪن تائي جاري رهندڙ ڳالهين ۾ يورپ، نيٽو ۽ يوڪرين جو ڪو به نمائندو موجود نه هو. ڳالهين بعد روس ۽ آمريڪا جي نمائندن ملاقات کي تعميري ۽ مثبت قدم قرار ڏنو آهي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو چيو ته هي ڊگهي ۽ ڏئي سفر طرف پهريون قدم هي. يوڪرين جي وزيراعظم زيلنسڪي چيو آهي ته جنگبندي جو اهڙو معاهدو هو قبول نه ڪندو جنهن ۾ يوڪرين شامل ئي نه هجي. روس جي نمائندي چيو ته جڏهن ضروري هوندو ته صدر پيوٽن يوڪريني صدر سان فون تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. ڳالهين بابت ڪريملن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا اهو تسليم ڪيو ته جو بائيڊن يوڪرين جنگ جي حمايت جو غلط فيصلو ڪيو هو. ياد رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته نيٽو ۾ يوڪرين کي شامل ڪرڻ وارو بائيڊن جو فيصلو به ٺيڪ نه هو. ٻئي پاسي اهم يورپي ملڪن جي نمائندن پيرس ۾ ڪيل ملاقات ۾ يوڪرين ۾ جنگ بند ڪرن وارين ڳالهين کان کين پري رکڻ تي حيراني ظاهر ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو