ڪراچي (نمائندن وٽان)يومِ پاڪستان اڄ ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 توپن جي سلامي سان ڏينهن جي شروعات ڪئي وئي، سنڌ جي وڏير وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل مزار قائد تي حاضري ڀري، مزارِ اقبال تي گارڊز جِي تبديلي جِي پروقار تقريب، هوائي فوج جي جٿي ڊيوٽي سنڀالي ورتي، سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ به ريليون ۽ تقريبون ڪوٺائڻ جو سلسلو جاري آهي. پاڪ فوج يوم پاڪستان تي نئون قومي نغمو به جاري ڪيو آهي. صدر ۽ وزيراعظم يوم پاڪستان جي موقعي تي جاري ڪيل پيغامن ۾ چيو آهي ته اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جِي مدد سان ڪنهن به چيلينج کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، اڄوڪي ڏينهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي، پاڪستان کي مديني ۽ خوشحال رياست بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.ياد رهي ته اسلام آباد ۾ رٿيل پريڊ موسم جي خرابي سبب 25 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي هئي.










