ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو شادي ڪندڙ سوبز جي جوڙي اقرا ۽ ياسر حسين اڪثر ڪري انٽرنيٽ تي سرگرم هوندا آهن ۽ اڪثر ذاتي سرگرميون به مداحن سان سيئر ڪندا رهندا آهن. ياسر پنهنجي ٻانهن تي پيار مان زال جي نالي جو ٽيٽو ٺهرايو ۽ اها تصوير جڏهن انسٽاگرام تي شيئر ڪئي ته سندس ڪجهه مداحن ان تي ناپسنددگي جو اظهار ڪندي تنقيد ڪئي آهي. هڪ صارف لکيو ته اهو ڪو تعريف جوڳو عمل ناهي جو اوهان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آهي. ڪجهه سندس مداحن ته ان کي حرام قرار ڏيندي اسلام جي خلاف هجڻ جي فتويٰ به ڏئي ڇڏي آهي.










