جيڪب آباد (ن س) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب آباد پهچي ويو، جتي هن ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي سان پٽ جي وفات تي عذر خواهي ڪئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب آباد ۾ جکراڻي هائوس پهچي پ پ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي سان سندس پٽ زيد حسين جکراڻي جي لاڏاڻي تي عذر خواهي ڪئي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ صوبائي وزير سعيد غني، سيد خورشيد شاهه، نويد قمر، شبير علي بجاراڻي، گيانچند ايسراڻي . محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا










