ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) 8 مختلف ڪاررواين دوران 148 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪئي آهي ۽ 2 عورتن سميت 16 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، ڪارروايون لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪنڊيان، سکر ۽ اسلام آباد ۾ ڪيون ويون.آفيسرن جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران، 134 ڪلوگرام 900 گرام چرس، 13.05 ڪلوگرام برف، هڪ ڪلوگرام ڪوڪين، 433 گرام وزن جون 960 الپرازولم ٽيبليٽ ۽ 42 گرام وزن جون 80 ايڪسٽيسي ٽيبليٽ هٿ ڪيون ويون.اي اين ايف ترجمان موجب، شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










