ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پاڪستان ۾ فلائٽ آپريشن شديد متاثر آهي سڀني کان وڌيڪ اڏامون ڪراچي ايئرپورٽ تي ملتوي ڪيون ويون.ذريعن موجب اڄ ملڪ جون 5 عالمي ايئرپورٽون وچ اوڀر جي مختلف شهرن جي لاءِ ٻنهي طرفن کان 64 اڏامون ملتوي ٿيون جن ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز، ايئر بليو، ايئر عربيه، ايران اينر ۽ قطر اينرويز سميت ٻيون ايئرلائنز شامل آهن.تفصيل موجب ڪراچي ايئرپورٽ کان ابوظهبي، ڪويت، جده، دمام، شارجه، مدينه، مسقط، رياض، نجف، بحرين ۽ دبئي جي لاءِ 20 ٻطرفيون اڏامون ملتوي ٿيون. اسلام آباد ايئرپورٽ تان به 20 اڏامون متاثر ٿيون جن ۾ شارجه، ابوظهبي، دبئي، بحرين، رياض، دمام ۽ دوحه جون اڏامون شامل آهن.لاهورايئرپورٽ تي ابوظهبي ۽ دبئي سيڪٽر جون 6 اڏامون ملتوين ڪيون ويون جڏهن ته پشاور، ايئرپورٽ کان دبئي، دوحه، شارجه ۽ ابوظهبي جي لاءِ 6 اڏامون متاثر ٿيون. اهڙي طرح ملتان ايئرپورٽ کان دبئي جي لاءِ 2 اڏامون ملتوي ڪيون ويون. گذريل 35 ڏينهن جي دوران پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن ويندڙ اڏامن جو گڏيل تعداد 2706 تائين پهچي چڪو آهي.










