وقت اچي ويو آهي ته 18 ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جو دفاع ڪريون

وقت اچي ويو آهي ته 18 ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جو دفاع ڪريون

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان آئين، صوبائي خودمختياري ۽ 18 هين ترميم جو تحفظ ڪنداسين.ڊيرا غازي خان ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سردار ذوالفقار علي خان کوسا جي خاندان سان تعزيت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج منسوخ نه پر ملتوي ڪيو ويو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آئين، 18 هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جو دفاع ڪيو وڃي.هن چيو ته هڪ طرف آئين جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ ٻئي طرف پارليامينٽ کي رٻڙ جي اسٽيمپ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.مولانا فضل الرحمان 18 هين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ کي صوبن جو حق قرار ڏنو ۽ چيو ته انهن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مولانا فضل الرحمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مقصد حاصل نه ٿيا ته صوبن کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته امن امان صوبائي معاملو آهي. جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي ضرورت هجي ته اهو آئين موجب وفاق کان مدد وٺي سگهي ٿو، پر ان بنياد تي آئيني ترميمن جي ڳالهه ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو