پرڏيهه مان وطن موڪليل رقم ۾ رڪارڊ واڌ، وزيراعظم مطمئن

پرڏيهه مان وطن موڪليل رقم ۾ رڪارڊ واڌ، وزيراعظم مطمئن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جولاءِ 2024 کان اپريل 2025 تائين ترسيل 31.2 ارب ڊالر جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. وزيراعظم شهباز شريف هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کان موڪليل رقم ۾ رڪارڊ 31 سيڪڙو واڌ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جولاءِ 2024 کان اپريل 2025 جي عرصي دوران ترسيل 31.2 ارب ڊالر جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. هن چيو ته ترسيل ۾ رڪارڊ اضافو معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي ۽ سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جي معيشت جي ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ جي معيشت کي ترقي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو