اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم عمران خان اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ سمورن پارٽي ۽ اتحادي ايم اين ايز کي اسلام آباد گهرائي ملاقاتون شروع ڪيون آهن. وفاقي گادي واري شهر جي سينيٽ جي جنرل سيٽ تي حڪومتي اميدوار عبد الحفيظ شيخ جي اپوزيشن اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني هٿان شڪست بعد وزيراعظم قومي اسمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته اڄ به اڪثريت جي کيس حمايت حاصل آهي. ايم ڪيو ايم جو وفد جمعي نماز بعد ساڻس ملندو. هن ڪالهه پرويز الاهي سان به فون تي رابطو ڪيو هو. 342 ميمبرن واري قومي اسمبلي ۾ هڪ سيٽ اين اي 75 تي ننڍي چونڊ 18 مارچ تي ٿيندي، باقي 341 مان 180 حڪومت جا حامي ۽ 161 مخالف آهن. صدر عارف علوي ڇنڇر تي منجهند جو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ هو اعتماد جو ووٽ وٺندو. اپوزيشن وارا بائيڪاٽ جو سوچي رهيا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي. جنهن جي ڪا به خبر جاري نه ڪئي وئي هئي. مريم نواز ۽ بلاول چيو هو ته جڏهن عمران خان کي شڪست ملي هئي ته اهڙي موقعي تي ادارن جي سربراهن کي هن سان ملڻ نه گهرجي ۽ هو پنهنجو آئيني ڪم ڪن. ٻنهي فوجي اڳواڻن جي ساڻس ٻن مهينن ۾ پنجين ملاقات هئي.










