وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آسٽريا روانو

وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آسٽريا روانو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آسٽريا جي چانسلر ڪرسچٽن اسٽاڪر جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ويانا، آسٽريا روانو ٿي ويو.نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن.وزيراعظم ويانا ۾ فيڊرل چانسلري ۾ آسٽريا جي چانسلر سان ٻطرفي ۽ وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو. وزيراعظم ۽ آسٽرين چانسلر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرمائيڪاري ۾ اضافي جي لاءِ مشهور ڪاروباري ماڻهن جي اجلاس جي گڏيل صدارت به ڪندو.وزيراعظم پاڪستان آسٽريا بزنس فورم ۾ شرڪت ۽ خطاب به ڪندو. وزيراعظم ويانا ۾ گڏيل قومن جي تحت منعقد پائيدار ترقي، عالمي امن، خوشحالي واري رستي جي موضوع تي خصوصي تقريب ۾ به شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل سان به ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو آسٽريا جو سرڪاري دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ اضافو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو