بندر گاهن ۾ جديد نظام سان اربين ڊالرز جو فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا

بندر گاهن ۾ جديد نظام سان اربين ڊالرز جو فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بندرگاهن ۾ جديد نظام ۽ انهي تائين پهچ ۾ وڌيڪ بهتري سان پاڪستان اربين ڊالر جو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پهچي ويو، جتي وزيراعظم کي بندرگاهن ۽ نيشنل فليگ ڪيريئر پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جغرافيائي حوالي سان خطي ۾ اهم اهميت رکي ٿو.وزيراعظم چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن لاءِ سامونڊي واپار جو سڀني کان بهترين رستو ڏئي ٿو. وچ ايشيائي رياستن واپار لاءِ پاڪستان جي بندرگاهن جي استعمال ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بندرگاهن جي تعداد مان مڪمل فائدو کڻڻ لاءِ اوليت جي بنياد تي قدم کنيا ويندا، سامان جي ورهاست کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ملير ايڪسپريس وي کي بندرگاهه سان جوڙيو وڃي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي معيشت مستحڪم آهي ۽ ترقي طرف گامزن آهي، نجي شعبي جي ترقي، ڪاروبار ۾ آساني ۽ سرمائيڪارن کي سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي قازقستان جي دوري دوران روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي، هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن جي لاءِ سامونڊي واپار جو سڀني کان اهم رستو ڏئي. هن هدايت ڪئي ته پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي جديد اوزار ۽ مشينري لڳائڻ سان ڪسٽمز ڪليئرنس جي وقت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. جڏهن ته بندرگاهن تي اسڪيننگ جي جديد مشينري جلد لڳائي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته لياري ايڪسپريس وي کي ڪارگو ٽريفڪ جي لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکيو وڃي جڏهن ته سامان جي رهاست کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي لاءِ ملير ايڪسپريس وي کي بندرگاهه سان جوڙيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي پورٽ تائين ۽ ان سان ريل جي ذريعي سامان جي ورهاست جو تعداد وڌايو وڃي. پورٽ قاسم تي ايل اين جي جهازن جي فيس کي گهٽ ڪري ان سان عالمي سطح تي لڳايل ريٽس موجب مقرر ڪيو وڃي. شپنگ لائيز جي ريگوليشن جي لاءِ هڪ منصوبو جلد پيش ڪيو وڃي. پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن پنهنجي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ پنهنجي آپريشن کي بهتر بنائڻ جي لاءِ هڪ جامع لائحه عمل جوڙي پيش ڪندو. خطاب ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي، ڪاروبار ۾ آساني ۽ سرمائيڪارن کي سهولت حڪومت جي اولين ترجيح آهي الله جي فضل ڪرم سان پاڪستان جي معيشت مستحڪم آهي ۽ ترقي طرف گامزن آهي. پاڪستان جي برآمدي صنعت جي ترقي لاءِ برآمد ڪندڙن کي هر قسم جي سهولت ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم اڄ ڪراچي ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق وزير محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال خان، احد خان چيمه، عطاءُالله تارڙ، قيصر احمد شيخ، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايف بي آر چيئرمين، ڪي پي ٽي چيئرمين، پي ڪيو اي، پي اين ايس سي ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو