وزيراعظم جي فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ واري  ترميم پيش

وزيراعظم جي فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ واري ترميم پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر کانپوءِ وزيراعظم به فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ جي ترميم ڪميٽي ۾ پيش ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ترميم حڪومتي ميمبرن سينيٽر انوشا رحمان ۽ سينيٽر ظاهر خليل سنڌو گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميم تحت آئين جي آرٽيڪل 248 ۾ صدر سان گڏ لفظ وزيراعظم به شامل ڪيو ويندو. ترميم جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم خلاف به مدي دوران فوجداري ڪيسن جي ڪارروائي نه ٿي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو