والد سان ملڻ پاڪستان وڃڻ چاهيون ٿا: قاسم خان

والد سان ملڻ پاڪستان وڃڻ چاهيون ٿا: قاسم خان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پٽ قاسم خان سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطي جي سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ قاسم خان چيو آهي ته مان ۽ منهنجو ڀاءُ والد سان ملڻ لاءِ پاڪستان وڃڻ چاهيون ٿا. هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان 914 ڏينهن کان اڪيلائي ۾ قيد آهي انهي جي صحت تيزي سان خراب ٿي رهي آهي، والد سان ملڻ چاهيون ٿا پر اسان کي اجازت نه پئي ڏني وڃي.قاسم خان چيو ته عمران خان کي آزاد طبي سهولت تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي. حڪومت ڄاڻي واڻي اسان جي ويزا درخواستن تي ڪارروائي نه ڪري رهي آهي. انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ حڪومتون انهي معاملي تي آواز اٿارين.

پهنجو تبصرو موڪليو