سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بدترين رياستي دهشتگردي جاري آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيپٽمبر مهيني ۾ ڀارتي فوج هٿان 17 ڪشميري شهيد ٿيا، جڏهن ته گذريل مهيني 196 عام شهرين ۽ سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس ٻڌايو ته ڀارتي فوجين گهيري ۽ تلاشي جي 151 ڪارروائين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ گهر کي تباهه ڪري ڇڏيو.










