هوائي جهاز جي انجنيئرن جو احتجاج، 7 اڏامون رد

هوائي جهاز جي انجنيئرن جو احتجاج، 7 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ ۽ انتظامي دٻاءُ خلاف هوائي جهاز جي انجنيئرن جو احتجاج ٻئي ڏينهن به جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ قومي ايئر لائن جون 7 اڏامون رد ڪيون ويون آهن، هوائي جهاز جي انجنيئرن جي احتجاج جي ڪري اڄ ملڪ بھر ۾ 39 اڏامون دير جو شڪار آهن.هوائي جهاز جي انجنيئرن ايسوسيئيشن جي صدر جو چوڻ آهي ته هوائي جهاز جا انجنيئر قومي ايئر لائن جي سي اي او جي رويي کان ناراض آهن.قومي ايئر لائن جي انتظاميا جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آپريشن ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو