نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) مورو ويجھو قومي شاهراھ بيٽ 30 ٻئي ميل وٽ نامعلوم ڦورن جي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، اطلاع تي موٽروي پوليس پھچي وئي ڦورن پاران فائرنگ جوابي فائرنگ تي ڦورو ڪمند جي فصل ۾ لھي ويا، اھڙو اطلاع ملڻ تي موٽروي پوليس ڊي ايس پي سيد راشد شاھ، ايڊمن فقير عجيب علي ھيسباڻي، پيٽرولنگ آفيسر امام بخش عالماڻي، مجتبي ڪورائي موٽروي پوليس ۽ درس پوليس سان پھچي ويا ڦورو جو پيڇو ڪندي ڪمند جي فصل کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو، درس پوليس ڦورن جي موٽرسائيڪل کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.










