نيپرا ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست

نيپرا ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ذريعي بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 83 پيسا واڌ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي، نيپرا درخواست جي ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تي ڪندي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آگسٽ ۾ ڊسڪوز کي 15 ارب 47 ڪروڙ يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي. درخواست جي منظوري کانپوءِ بجلي صارفين تي 33 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو. جيڪڏهن درخواست منظور ٿي ته اها ڪي اليڪٽرڪ جي گراهڪن تي لاڳو نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو