رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب فلسطينين جي نيڪالي بابت اسرائيلي وزيراعظم جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو،سعودي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اها اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي بيان کي رد ڪري ٿي،عرب ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني پنهنجي ڀائرن سان گڏ بيٺا آهن ۽ اسرائيلي وزيراعظم جو بيان اسرائيلي قابض فوج جي ڏوهن ۽ نسل ڪشي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي،بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي حڪومت اسان جي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي، انهن جي زمين جي ملڪيت جي حق کي تسليم ڪري ٿي، ۽ اهي ٻاهرين يا پناهگير نه آهن جن کي اسرائيل زبردستي ڪڍي ڇڏيندو،بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان فلسطينين کي زبردستي نيڪالي ڏيڻ جي بيان کي رد ڪريون ٿا ۽ ان حوالي سان برادر ملڪن جي بيان جي تعريف ڪريون ٿا.










