اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ريڪوڊڪ منصوبي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، ريلوي کاتي نوڪنڊي کان سبي تائين 600 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ريلوي عمران حيات خان چيو ته ريلوي لائين ٻاهرين ملڪن کان درآمد ڪئي ويندي.هن چيو ته ٽريڪ اپ گريڊيشن جو ڪم ايندڙ سال فيبروري ۾ شروع ٿيندو. ان جي قيمت 360 ملين ڊالر هوندي.عمران حيات خان چيو ته منصوبو ٽن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.










