نوٽيفڪيشن واپس، پرڏيهين کي هڪ کان وڌيڪ موبائيل آڻڻ جي اجازت

نوٽيفڪيشن واپس، پرڏيهين کي هڪ کان وڌيڪ موبائيل آڻڻ جي اجازت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين ايف بي آر هڪ کان وڌيڪ موبائل فون تي پابندي جي تجويز تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين بيگيج رولز آف ڪسٽم 2006ع ۾ تجويز ڪيل ترميمون واپس وٺڻ جي هدايت ڪندي هڪ کان وڌيڪ موبائيل فون آڻڻ تي تجويز ڪيل پابندي تي عملدرآمد فوري طور تي روڪي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده ضابطا 2006 تحت پرڏيهي سياحن کي 2 موبائيل فون آڻڻ جي اجازت برقرار آهي.ان کان علاوه چيئرمين ايف بي آر 1200 ڊالرن کان وڌيڪ ڪمرشل شين تي پابندي واري تجويز واپس وٺڻ جي هدايت ڪندي ضابطن ۾ تجويز ڪيل ترميمون واپس وٺي مشاورت کانپوءِ ٻيهر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو