نون چونڊيل سينيٽرز حلف کڻي ورتو، اپوزيشن جا 51 متحد

نون چونڊيل سينيٽرز حلف کڻي ورتو، اپوزيشن جا 51 متحد

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) چئني صوبن ۽ اسلام آباد مان چونڊيل 48 سينيٽرز حلف کڻي ڇڏيو. پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر حسين شاهه کين حلف کڻايو. هو 2027 تائين سينيٽر رهندا. سڀني کان وڌيڪ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جا سينيٽر آهن، جن ۾ ڪي پي مان محسن عزيز، لياقت تراڪئي، شبلي فراز، فيصل سليم، ذيشان خانزادو، دوست محمد، همايون مهمند، گرديپ سنگهه ۽ مرزا محمد آفريدي شامل آهن، اسلام آباد مان فوزيه ارشد، پنجاب مان ثانيه نشتر، سيف الله نيازي، عون عباس، اعجاز چوڌري ۽ علي ظفر حلف کنيو. پي ٽي آءِ جا سنڌ مان چونڊيل فيصل واوڊا ۽ سيف الله ابڙو ۽ بلوچستان مان چونڊيل عبدالقادر به حلف کنيو. پيپلز پارٽي جي اسلام آباد مان چونڊيل يوسف رضا گيلاني ۽ سنڌ مان چونڊيل شيري رحمان، سليم مانڊوي والا، تاج حيدر، ڄام مهتاب ڏهر، شهادت اعواڻ، پلواشه خان ۽ فاروق نائڪ سميت 8 سينيٽرز حلف کنيو. بلوچستان عوامي پارٽي جي 6 سينيٽرن سرفراز بگٽي، پرنس احمد عمر، منظور احمد، سعيد هاشمي، ثمينه مشتاق ۽ دانش ڪمار حلف کنيو. مسلم ليگ جي 5 سينيٽرن سعديه عباسي، اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر عفنان الله، ساجد مير۽ عرفان صديقي حلف کنيو. جي يو آءِ جي مولانا عبدالغفور حيدري، عطاءَ الرحمان ۽ ڪامران مرتضيٰ حلف کنيو. اي اين پي جي هدايت الله ۽ عمر فاروق، ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري ۽ خالدا طيب، بي اين پي مينگل جي محمد قاسم ۽ نسيمه احسان ۽ مسلم ليگ ق جي ڪامل علي آغا به حلف کنيو.

Opposition’s all 51 senators were together on breakfast

ان کان اڳ اپوزيشن جي 51 سينيٽرز ناشتي دوران موجود هئا. جنهن ۾ پي ڊي ايم جا اڳواڻ به شريڪ هئا. يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي گيلاني دعويٰ ڪئي ته هو 5 ووٽن جي ليد سان کٽي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو