نوشڪي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس اختيارين موجب فائرنگ جو واقعو نوشڪي جي غريب آباد علائقي ۾ پيش آيو. پوليس اهلڪار معمول جي گشت تي هئا ته جوابدارن فائرنگ ڪئي، فوت ٿيل آفيسرن جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ آڻي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.










