اسلام آباد (بيورو رپورٽ) (ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف ۽ وزيراعظم شهبازشريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ذريعن موجب نوازشريف ۽ وزيراعظم شهبازشريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي رابطي ۾ اسيمبلي ٽٽڻ تي امڪاني پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي وزيراعظم شهبازشريف پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان کي ڪجهه اهم هدايتون ڏيندو جيڪڏهن مارچ يا اپريل ۾ عام چونڊون ٿين ته (ن) ليگ جي حڪمت عملي ڇا هوندي؟ ۽ ڪيتري پوزيشن مضبوط بڻائي سگهجي ٿي؟ انهن سمورن شين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










