لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سڀني کان پهريان اهو جواب ڏيڻو پوندو ته اهو 70 هزار جعلي ووٽن جي بنياد تي ڪيئن کٽيو ۽ انهي کي اسيمبلي ۾ ڪنهن پهچايو.منصوره لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته موجوده حڪومت فارم 47 جي بنياد تي قائم آهي انهي لاءِ نوازشريف کي حقيقتن تي ٻڌل ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪڏهن انهي جا اسٽيبلشمينٽ سان واقعي اختلاف هئا ته پوءِ هن ڀيري اقتدار ۾ ڇو آيو ۽ انهي سان گڏوگڏ جمهوريت تي حملو ڇو ڪيو.حافظ نعيم الرحمان موجب جڏهن(ن) ليگ جي قيادت ناراض هئي ته اسٽيبلشمنيٽ جي خلاف نعرا لڳائيندي هئي جڏهن مفاهمت ٿي ويندي آهي ته انهي جي حق ۾ نعرا بلند ڪيا ويندا آهن انهي لاءِ نوازشريف کي جواب ڏيڻو پوندو ته ووٽ کي ڪيتري عزت ملي.پريس ڪانفرنس ۾ هن 3 ڏينهن جي اجتماع عام کي انتهائي ڪامياب قرار ڏيندي چيو ته بدل دو نظام تحريڪ جي سلسلي ۾ سمورن وڏن شهرن جو اجلاس گهرائي آئنده جو لائحه عمل طئي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي هجڻ گهرجي ۽ 27هين آئيني ترميم آئين جي بنيادي ڍانچي تي حملو آهي جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو.هن چونڊ عمل تي به سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪڏهن آر ٽي ايس جي نالي تي ۽ ڪڏهن فارم 47 جي ذريعي حڪومتون جوڙيون وينديون آهن هن چيو ته بيورو ڪريسي نوآبادياتي دور جيان اڄ به عوام تي حاڪميت قائم ڪري رکي آهي. جڏهن ته نوڪر شاهي مٿان وارن کي خوش ڪري ڪرپشن ڪندي آهي ۽ اختيار هيٺين سطح تائين نٿا پهچڻ نٿا ڏنا وڃن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته خانداني سياسي پارٽيون پنهنجن ئي ڪارڪنن کان ڊنل آهن، انهي جي ڪري ئي عوام دشمن قانون پاس ڪيا ويندا آهن، هن الزام لڳايو ته فارم 47 واري پارليامينٽ جيڪو بلدياتي قانون منظور ڪيو آهي اهو ڪارو قانون آهي اسان انهي خلاف عدالتن ۽ روڊن تي وينداسين. هن چيو ته مقامي حڪومتن جي اختيارن جي بحالي لاءِ لائحه عمل تيار آهي 7، 8 ڊسمبر تي پنجاب ۾ انهي قانون جي خلاف احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته موجوده بلدياتي قانون ۾ ميٽرو پوليس ۽ ڊسٽرڪٽ ڪونسلز کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ اختيارن جي منتقلي جو ڪوبه واضح طريقيڪار شامل نه اهي. انهي موجب سموري دنيا ۾ تعليم، پوليسنگ ۽ بنيادي انتظامي معاملا مقامي حڪومتن وٽ هوندا آهن پر پاڪستان ۾ انهن اختيارن کان مسلسل انڪار ڪيو پيو وڃي.حافظ نعيم الرحمان پنجاب ۾ عدالت کان مٿانهين قتل ۽ منشيات جي پکيڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڊرگ مافيا کي حڪومتي سرپرستي حاصل آهي، تعليمي ادارن تائين منشيات پهچائي پئي وڃي. هن پرڏيهي پاليسي تي به سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته ملڪ کي آزادانه پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو. آمريڪي دٻاءُ ۾ اچي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، ٽرمپ جي چاپلوسي به فائدو نه ڏيندي.تعليم جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ملڪ جي 88 سيڪڙو آبادي اعليٰ تعليم کان پري آهي جڏهن ته 3 ڪروڙ ٻار پنج کان 15 سالن جي عمر ۾ اسڪولن کان ٻاهر آهن. انهي موجب اسان جون يونيورسٽيون عالمي درجه بندي ۾ پوئين نمبرن تي آهن ۽ تعليم جو نظام ڪجهه طبقن تائين محدود رهجي ويو آهي.حافظ نعيم سنڌ حڪومت تي به سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ بدترين بدعنواني جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي جڏهن ته صوبي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ برقرار آهي. بلوچستان ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بحران جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اتي به تحريڪ کي اڳيان وڌايو پيو وڃي.حافظ نعيم الرحمان موجب جماعت اسلامي امن، شهري سهولتن، بلدياتي حقن ۽ آئيني حڪمراني جي لاءِ پنهنجو آواز اٿاريندي رهندي عوامي مسئلن تي حڪومت کي وڌيڪ استحصال جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته وڏا ڌرڻا ۽ اسيمبلين جي گهيراءُ سميت هر جمهوري رستو استعمال ڪيو ويندو ته جيئن بدلي ڇڏيو نظام جي تحريڪ اڳيان وڌي سگهي.










