نواز شريف وطن ايندو ۽ عمران خان جيل ويندو، وساڻ

نواز شريف وطن ايندو ۽ عمران خان جيل ويندو، وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ نئين سال ۾ سياستدانن بابت نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. منظور وساڻ چيو ته نوازشريف هن سال پاڪستان ايندو، جڏهن ته عمران خان جيل ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي حوالي سان منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي ته 2023ع ۾ عمران خان جو ڪو مستقبل ناهي، هن سال به عمران خان کي مشڪلاتون درپيش رهنديون، عمران خان کي ڪجهه ادارن بڻايو هو، هاڻي هو ساڻس گڏ نه آهن. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته جيڪي ماڻهو عمران خان سان گڏ آهن اهي ئي کيس ڇڏي ويندا، مان عمران خان کي جيل ۾ ڏسي رهيو آهيان.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو