اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير، نارڪوٽڪس ڪنٽرول محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا ۽ گڏيل مفادن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون ۽ بارڊر مينجمينٽ جي حوالي سان تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته آمريڪي ادارن اينٽي ٽيررسٽ اسسٽنٽس پروگرام ۽ بيورو آف انٽرنيشنل نارڪو ٽيڪس اينڊ لا افورسمنٽ سان جاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ۽ هر سطح تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي لاءِ ڪوآرڊينيشن بهتر بنايو ويندو.هن ٻڌايو ته پرڏيهي ملڪن ۾ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي، جديد سافٽ ويئر جي ذريعي ڪئي ويندي. ايف آءِ اي فيڊرل ڪانسٽيبلري ۽ سائبر ڪرائم ايجنسي جي آفيسرن جي لاءِ ٽريننگ پروگرام به جاري رهندا. ملاقات ۾ بارڊر سيڪيورٽي، ڪوسٽل گارڊز ۽ ٻين ادارن کي جديد آمريڪي اوزارن سان ليس ڪرڻ ۽ انهن جو تعداد وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.وفاقي گهرو وزير چيو ته ايف آءِ اي جي دهشتگردي جي خاتمي واري ونگ کي فعال ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي مدد تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿيندي ۽ اهو وفاقي سطح تي پهريون اينٽي ٽيررسٽ ونگ هوندو جيڪو صوبن سان موثر ڪوآرڊينيشن رکندو.هن اهو به چيو ته اين سي سي آءِ اي سموري ملڪ ۾ غير قانوني ڪال سينٽرز جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري رهيو آهي ۽ مالياتي فنڊ ۽ دهشتگردي جي فنڊنگ روڪڻ جي لاءِ جديد سافٽ ويئر جي ضرورت آهي جنهن ۾ آمريڪا جي تعاون کي انتهائي اهم قرار ڏنو.آمريڪي وفد سيڪيورٽي تعاون ۽ ٻطرفه رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، وقتي آمريڪي سفير گهرو وزير ۽ آمريڪي ادارن جي وچ ۾ جاري تعاون جي به تعريف ڪئي.ملاقات ۾ گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي، ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، ڊي جي نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي، ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.










