اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نوي جديد ترين مانيٽرنگ نظام شڪرا جو افتتاح ڪري ڇڏيو. گهرو وزير محسن نقوي ڊائريڪٽوريٽ جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽس جو دورو ڪيو انهي موقعي تي هن جديد ترين مانيٽرنگ نظام جو افتتاح ڪيو.ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽس ۾ 7/24 مانيٽرنگ روم ۽ ڪال سينٽر فعال ٿي ويو آهي. گهرو وزير محسن نقوي جي هدايت تي ايمرجنسي ٽريول ڊاڪومينٽ جي نظام کي به ڊيجيٽل ڪيو ويو آهي. گهرو وزير محسن نقوي کي سيڪوئر هائبريڊ انٽيلجنس فار نالج بينڊ ريسپورنس انالٽيڪس سسٽم تي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽس ۽ انهي جي ٽيم جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي.نئين نظام سان پاسپورٽ درخواستون ۽ ڊليوري جي ريئل ٽائم مانيٽرنگ ممڪن ٿيندي. گهرو وزير چيو ته پاسپورٽ جي اپلاءِ ٿيڻ سان ڊليوري تائين هر مرحلي تي نگراني ڪري سگهبي. هن چيو ته اسان جو مقصد شهرين کي عالمي معيار جي تيز رفتار ۽ محفوظ خدمتن جي فراهمي يقيني بنائڻ آهي. مانيٽرنگ جي جديد نظام سان پاسپورٽ کاتي جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستاني پاسپورٽ جي سيڪيورٽي فيچرز کي آءِ سي اي ۽ اسٽينڊرڊ مطابق بنايو ويو، جديد آٽو ميٽڪ جرمن مشينن سان کاتي جي استعداد ڪار ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته آٽو ميٽڪ مشينن سان پاسپورٽ پرنٽنگ پراسيس سان انساني مداخلت کي مڪمل ختم ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ گهرو وزير کي ٻڌايو ويو ته نئين مانيٽرنگ سسٽم جي تحت پاسپورٽ آفيس ۾ رش جي به خودڪار نشاندهي ڪري سگهبي.










