نرسنگ ڪاليج ۽ چيمبرز آف ڪامرس پاران آزادي جي تقريب

نرسنگ ڪاليج ۽ چيمبرز آف ڪامرس پاران آزادي جي تقريب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پروفيشنل ڪاليج آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز اسلام آباد ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي گڏيل سهڪار سان جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن، ڪاروباري برادري، شاگردن ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي.
تقريب جي خاص مهمان ظفر بختاوري هئا، جڏهن ته پروفيشنل ڪاليج آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز جي پرنسپال زينت الاسلام ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر محراب علي پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.
اعزازي مهمان ڊاڪٽر خالد بلوچ پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. هن پروفيشنل ڪاليج آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز پاران اهڙي پروقار جشنِ آزادي جي تقريب منعقد ڪرڻ کي ساراهيو ۽ شاگردن جي شاندار شرڪت تي سندن حوصلا افزائي ڪئي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته هو محنت جاري رکن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.
ڊاڪٽر قادر بخش بلوچ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون نوجوان نسل ۾ حب الوطني، قومي يڪجهتي ۽ ثقافتي قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
تقريب کي خطاب ڪندي مقررین قيامِ پاڪستان لاءِ ڏنل لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هنن چيو ته آزادي هڪ عظيم نعمت آهي، جيڪا اسان جي بزرگن جي بي مثال قربانين جي نتيجي ۾ حاصل ٿي. هنن چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن ۽ کين پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
جشنِ آزادي جي مناسبت سان نرسنگ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنجابي، سنڌي، پختون، بلوچي ۽ گلگتي ثقافتن جا روايتي لباس پهري ثقافتي واڪ پيش ڪئي، جنهن کي شرڪت ڪندڙن ڀرپور ساراهيو. شاگردن پاران پاڪستان جي ثقافتي رنگارنگي کي اجاگر ڪرڻ تي سندن حوصلا افزائي پڻ ڪئي وئي.
تقريب جي اختتام تي شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ جشنِ آزادي جي مناسبت سان تحفا ۽ سيٽ پڻ ورهايا ويا. ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو